اعجاز حسين چانڊيو حڪيم

اعجاز حسين چانڊيو حڪيم: مترجم ۽ مضمون نگار حڪيم اعجاز حسين چانڊيو 5 آگسٽ 1970ع تي حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي جي گهر ۾ ماڏي (تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ) ۾ جنم ورتو. ايم. اي، F.T.J ۽ B.U.M.S جون ڊگريون ورتل اٿس. هي پيشي جي لحاظ کان حڪيم آهي. اعجاز حسين چانڊيو سٺو ليکڪ به آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
طب يوناني ۽ جديد ميڊيڪل سائنس (2003ع)، تحفا طبيبن جا (2005ع)، پامسٽريءَ جا راز (2005ع)، نهج البلاغه (ترجمو 2006ع)، پهرا شناسي (2006ع)، بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري- ترتيب:2006ع)، ديوان دادن (ترتيب: 2006ع) شامل آهن. هو ماڏي شهر ضلعي دادو ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.05  عيسوي

اعجاز حسين چانڊيو حڪيم: مترجم ۽ مضمون نگار حڪيم اعجاز حسين چانڊيو 5 آگسٽ 1970ع تي حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي جي گهر ۾ ماڏي ( تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادوءَ ) ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف آگرو
ارجن داس
صبح صادق کوسو مير
شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب
سليمت هاليپوٽو
سيد علي بکري
خوارزمي محمد بن موسيٰ
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
شاهنواز خان ٽالپر
سمر سجوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون